سڪرنڊ ۾ شهيد ساگر حنيف بڙدي جي ستين ورسي ملهائي ويئي، جسقم اڳواڻن پاران قومي تحريڪ ۾ سندس خدمتن کي ڀيٽا

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) جسقم يونٽ سٽي سڪرنڊ پاران شهيد ساگر حنيف بڙدي جي ستين 7 ورسي پارٽي ترجمان آصف رضا مگسي . ضلعي آرگنائيزر مسعود شاھ ، تعلقه صدر غلام مصطفيٰ زئونر جي اڳواڻي ملهائي وئي جنهن ۾ مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ساگر حنيف بڙدي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو ڄاڻو ۽ پارکو هو هن جو اچانڪ وڇوڙو قومي تحريڪ کي وڏو نقصان ڏئي ويو.

رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي نظريي جو سچو اڳواڻ هو هُو نوجوانن لاء هڪ تربيت جو ادارو هو سندس وڇوڙو ڪڏهن به وسري نه سگهندو . ورسي پروگرام ۾ تعلقي نائب صدر برڪت جلباڻي . قربان ٻنڀ . شبير مگسي ، مورڙو ميربحر ، ارباب سولنگي ، فرمان رند ، فهيم کوکر ، علڻ رند ، خادم ٻرڙو ، محمد سليم خاصخيلي ، ديشي عالم ڪيريو ۽ ٻيا شريڪ هئا

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو