دادو سميت سنڌ جي 5 ضلعن لاءِ خوشخبري: موئن جو دڙو ٽرين ۾ ڪوچز جو اضافو، سيتا سرجڻهار فورم جي جدوجهد رنگ لائڻ لڳي
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ريلوي ھيڊڪواٽر لاهور انتظاميا ايم ايل ٽو سنڌ جي 5 ضلعن سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشوري جي ڪروڙين سنڌ واسين لاءٍ ھلندڙ موئن جو دڙو ٽرين جا گاڏا گھٽائي فقط 2 ڪوچن تي مشتمل ٽرين ھلي رھي ھئي،
ٽرينن جي بحالي ۽ ٽريڪ جي مرمت لاءٍ 923 ڏينهن کان سيتاروڊ ۾ روزاني جدوجهد جاري رکندڙ سيتا سرجڻھار فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ ۽ سندس ساٿين جي جدجھد جي نتيجي ۾ ريلوي ھيڊڪواٽر لاهور جدوجهد ڪندڙن جو مطالبو مڃي ورتو آھي، موئن جو دڙو اپ ڊائون ۾ 3+3 ڪوچن جو اضافو ڪرڻ سان گڏو گڏ ٽريڪر سسٽم به بحال ڪري ڇڏيو آھي،
جدوجهد جي سرواڻ مشهور ميمڻ چيو ته اسان جي پرامن ڊگهي جدوجھد لڳاتار ڪاميابيون ماڻي رھي آهي، جدوجھد ۾ شريڪ رھندڙ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي ساٿ ڏيندڙ سمورن ساٿين ۽ مسافرن کي مبارڪون ڏيون ٿا ايم ايل ٽو سنڌ جو مڪمل ٽرينون بحال ڪرائينداسين،
آگسٽ 2, 2025