مٺي ۾ حيسڪو يونين جو نجڪاري خلاف احتجاج، ملازمن جي حقن ۽ اسٽاف جي کوٽ جي خاتمي جو مطالبو

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) حيسڪو يونين مٺي پاران حيسڪو جي نجڪاري خلاف ۽ ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لاء مٺي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ ڊويزنل چيئرمين غلام رسول راھمون جنرل سيڪريٽري نرمل وائيس چيئرمين ڪانتيش ڪمار  جوائنٽ سيڪريٽري سوائي مل.

الهه نخش لنڊ ۽ ٻين حصو ورتو. هنن چيو ته سب ڊويزن حيسڪو مٺي جي محنت ڪش ليبر جو واپڊا جي امڪاني نجڪاري, ملازمن جي حقن ۽ اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. انهي سڀني  مطالبات جي منظوري لاءِ پرامن احتجاج ڪيو ويو  ۽ پينشن ڪٽوتي ۽ آئي ايم ايف جي مزدور مخالف پاليسين خلاف پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو