ملير ۾ اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي بحالي، حاجي راضو جوکيو اسڪول ۾ شجرڪاري مهم ۽ مسئلن جي حل لاءِ عزم جو اظهار

Spread the love

ملير (ڊر ) ملير سرڪاري اسڪولن ۾ موڪلون ختم ٿيڻ بعد تعليمي سرگرميون شروع ٿي ويون  درساڻو ڇنو جي حاجي راضو جوکيو گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو تعليم کاتي جي آفيسر ٽي او گڏاپ منظور احمد ميمڻ پپلزپارٽي پي ايس 85 جي صدر وائيس چيئرمين يوسي درسانو ڇنو مرتضيٰ يار محمد بلوچ صدر عوامي پريس ڪلب ملير عبدالقادر درس سان گڏ دوري ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ اسڪول ۾ وڻ لڳائي شجر ڪاري مهم جو آغاز ڪيو

اسڪول پرنسپل محمد موسيٰ عطاري  شاگردن، شاگردياڻين سان ملاقات ڪري درپيش مسئلن بابت آگاهي ورتي

پيپلزپارٽي اڳواڻ وائيس چيئرمين  مرتضيٰ يار محمد بلوچ چيو آهي تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي حاجي راضو جوکيو اسڪول جي عاليشان بلڊنگ موجود آهي دوري دوران پرنسپل استادن جي کوٽ جي شڪايت ڪئي آهي انشاء الله حلقي جي ايم اين اي ، ايم پي اي ۽ ايجوڪيشن آفيسرن سان گڏجي استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا

 ان موقعي تي ٽائون ايجوڪيشن آفيسر منظور احمد ميمڻ چيو ته 2 ڏينهن اڳ چارج ورتي آهي  پهريون دورو حاجي راضو جوکيو گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو ڪيو آهي گڏاپ ٽائون جي سمورن اسڪولن جو دورو ڪري درپيش مسئلن جي معلومات وٺڻ سميت حل ڪرڻ لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندس  تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

شجرڪاري مهم جي موقعي تي اسڪول انتظاميا پاران آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اميد آهي ته راضو جوکيو ڳوٺ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن جي بهتر مستقبل لاءِ نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کنيا ويندا

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو