شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقار پنهور جي قتل ڪيس ۾ ڪامياب ڪارروائي، وارثن پاران ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ٽيم جي حوصلا افزائي

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) خداآباد ٿاڻي جي شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقار علي پنهور جي قتل ڪيس ۾ پوليس ڪارڪردگي تي شهيد جي وارثن پاران ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ٽيم جي حوصلا افزائي  خداآباد ٿاڻي جي شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقار علي پنهور جي قتل ڪيس ۾ پوليس جي بھتر ڪارڪردگي تي شهيد جي وارثن پاران ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ٽيم جي حوصلا افزائي ڪئي وئي

هڪ مهينو اڳ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن ايس ايس پي آفيس پهچي، قاتلن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو انهن ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي سميت ڪيس ۾ ڪم ڪندڙ پوليس آفيسرن ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، ايس ايڇ او بي سيڪشن بينظير جمالي، ايس ايڇ او خداآباد منظور مستوئي،

انچارج سي آءِ اي طارق حسين لاکير ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم کي گلن جا هار پارايا ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي دادو پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي تعريفي اسناد سان نوازيو ۽ چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، هر قاتل کي قانون جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو۔

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو