مصطفيٰ نواز کوکر ۽ سندس خاندان ” ريئل اسٽيٽ “ مافيا آهن: عطا تارڙ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي ته سينيئر سياستدان مصطفى نواز کوکر ۽ سندس فيملي ريئل اسٽيٽ مافيا جو حصو آهن، جنهن ۾ جبر، زبردستي ۽ غنڊا گردي شامل آهي.
هڪ وڊيو بيان ۾ عطاالله تارڙ اپوزيشن جماعتن جي پريس ڪانفرنس کي ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.
هن چيو ته وٽن ڪا به تحقيق نه هئي، ۽ مصطفىٰ نواز کوکر ريئل اسٽيٽ مافيا سان واڳيل آهي ۽ سندس فيملي اهڙي ريئل اسٽيٽ ڪاروبار سان جڙيل رهي آهي، جتي جبر ۽ زبردستي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو.
وفاقي وزير چيو ته جڏهن مصطفى نواز کوکر قوم کي ڀاشڻ ڏئي رهيو آهي ته کيس اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته سندن خاندان ريئل اسٽيٽ مافيا ڪيئن ٺاهي.
عطاالله تارڙ اپوزيشن جي پريس ڪانفرنس تي تنقيد ڪندي چيو ته نه ته هو ملڪ جي معاشي حالتن بابت ڪي انگ اکر پيش ڪري سگهيا نه ئي ترقي بابت ڪا ڳالهه ڪئي.
هن چيو ته جڏهن به پاڪستان ۾ ڪنهن پرڏيهي سربراهه جو دورو ٿيندو آهي ته اهڙا ماڻهو اهڙي پريس ڪانفرنس ڪري ملڪ جي ساک کي نقصان رسائيندا آهن.
سڌ سماءُ واري وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ايراني صدر پاڪستان اچي رهيو آهي، سڄي قوم سندس اچڻ جو اوسيئڙو آهي ۽ پاڪستان کيس ڀرپور آڌرڀاءُ ڏيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران جو صدر جو دورو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي لاءِ اهم آهي، پر ڪجهه ماڻهو هميشه اهڙا قدم کڻندا آهن ته جيئن اهڙا دورا خراب ڪري سگهجن.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو