پي سي بي ” پاڪستان“ نالي جي ساک بچائڻ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان جي نالي سان شرڪت تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، هاڻ مستقبل پاڪستان جو نالو ڪنهن به ليگ ۾ استعمال نه ڪيو ويندو، پاڪستان جو نالو استعمال ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان اڳواٽ اجازت حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انگلينڊ ۾ جاري ايونٽ ۾ پاڪستان چيمپيئنز کي فائنل کيڏڻ جي اجازت ڏني ويندي.
اِهو فيصلو ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ ڀارتي انڪار کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي نالي جي ساک متاثر ٿيڻ کان بچائڻ آهي.
ياد رهي ته ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي رائونڊ ميچ ۽ سيمي فائنل ۾ ڀارتي رانديگرن پاڪستان خلاف کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو