سکر ۾ معرڪهٔ حق ۽ پاڪستان جي آزادي جو جشن شايانِ شان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)معرڪه حق ۽ پاڪستان جي 78هين آزاديءَ جي جشن کي شايان شان ۽ قومي جذبي سان ملهاڻ جي تيارين لاءِ ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي صدارت هيٺ سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو.اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان،
ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو بشريٰ منصور، ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل، مختلف يونيورسٽين، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن، چونڊيل نمائندن، واپارين جي تنظيمن جي اڳواڻن، سماجي، مذهبي تنظيمن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن شرڪت ڪئي.
جڏهن ته آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي صدر سيد احمد شاهه وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي معرڪه حق ۽ آزادي جي جشن حوالي سان 1 آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين ٿيندڙ چودهن ڏينهن وارن تقريبات جي تيارين ۽ منصوبن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني وئي.ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سکر ۾ قومي جذبي سان آزادي جون تقريبون ملهائڻ لاءِ وڏي پيماني تي انتظامات ڪيا ويا آهن. 10 آگسٽ تي سکر ۾ هڪ وڏو ميگا پروگرام رکيو ويو آهي،
جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ڪابينا جا ميمبر خصوصي شرڪت ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته شهر جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت سان انساني شڪل ۾ سبز حلالي پرچم ٺاهيو ويندو، جنهن لاءِ سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران شاگردن کي سفيد ۽ سبز رنگ جا گائون / شرٽس فراهم ڪيا ويندا.ميئر ٻڌايو ته شهر جي گلي محلن، بازارن، آفيسن، پارڪن، لينس ڊائون برج، سکر بئراج ۽ اسڪولن سميت هر هنڌ قومي پرچم سان سجاڳي ڪئي ويندي.
هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو معرڪؤ حق ۽ آزادي جي جشن کي قومي جذبي سان ملهائڻ لاءِ انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪن.هن واپاري تنظيمن جي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته بازارن ۾ دڪانن جي سجاوٽ جو مقابلو ڪرايو وڃي، بهترين سجاوٽ ڪندڙ دڪاندار کي 50 هزار رپيا انعام ڏنو ويندو.ميئر ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل کاتن سان رابطي لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ قائم ڪيو وڃي،
جيئن تقريبون منظم ۽ موثر طريقي سان منعقد ڪري سگهن.اجلاس دوران چيئرمين ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين خاطري ڪرائي ته معرڪؤ حق ۽ آزادي جي جشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو
.وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندڙ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر سيد احمد شاهه ٻڌايو ته 10 آگسٽ جي تقريب ۾ پاڪستان جا ناليوارا فنڪار علي ظفر ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪري پنهنجي پرفارمنس پيش ڪندا، جنهن سان هي تقريب يادگار بڻجندي.
آگسٽ 1, 2025