ايس ايس پي ڄامشورو جو سيوهڻ جو دورو، ٿاڻن کي ماڊل پوليس اسٽيشن بڻائڻ لاءِ قدم کڄي ويا
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا هڪ ڏينهن جي خصوصي دوري تي سيوهڻ پهتو، ايس ايس پي ڄامشورو طرفان سيوهڻ ٿاڻي ۽ ڀان سيد آباد ٿاڻي کي ماڊل پوليس اسٽيشن بڻائڻ جون ڪوششون تيز، ايس ايس پي ڄامشورو سيوهڻ پوليس اسٽيشن ۽ ڀان سيد آباد پوليس اسٽيشن جو تفصيلي دورو ڪري پوليس اسٽيشنن جي انتظامي معاملن، سروس ڊليوري ۽ عوامي شڪايتن جي نظام جو جائزو پڻ ورتو،
ايس ايس پي ڄامشوري ٿاڻن کي ماڊل پوليس اسٽيشنن ۾ تبديل ڪرڻ بابت لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون، هن چيو ته ماڻهن کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پوليس اسٽيشنن کي جديد طرز تي ٺاهيو ويندو، پنهنجي دوري دوران ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا سيوهڻ جي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا،
شهرين جي شڪايتن تي فوري ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون به جاري ڪيون، هن ورجايو ته پوليس اسٽيشنن جو ماحول دوست، شفاف ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل هجڻ گهرجي ته جيئن پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد پيدا ٿئي، هن سان گڏ اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل گجر، ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو، 15 انچارج سيوهڻ منظور دل ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.
آگسٽ 1, 2025