ڄامشوري ۾ جشنِ آزادي ۽ معرڪهٔ حق جي شاندار شروعات، قومي پرچم ڪشائي سان تقريبن جو افتتاح
ڄامشورو(رپورٽ: محمد وارث) ڄامشوري ۾ جشن آزادي ۽ معرڪ حق جي سلسلي ۾ قومي جذبي سان پرچم ڪشائي جي تقريب ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي سلسلي ۾ هڪ باوقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون،
نورالدين هنگورجو جي قيادت هيٺ قومي جهنڊو ڦڙڪائي آزادي جي 14 ڏينهن واري جشن جو باقاعدي آغاز ڪيو ويو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون، نورالدين هنگورجو چيو ته جشن آزادي جي تقريبن ۾ پاڪ فوج جي معرڪ حق بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي کين خراج تحسين پيش ڪئي ويندي، ۽ ضلع جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي جا جشن پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين انتهائي جوش ولولي سان ملهايا ويندا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ جي تقريب سان سرڪاري طور تي ضلعي ۾ آزادي جي جشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، ۽ سمورا کاتا ۽ ادارا آزادي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندا. ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير منظور احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر امير علي ڪولاچي، چيف ميونسپل آفيسر ڪوٽڙي اياز علي پنھور، سي ايم او ٻولهاڙي ذوالفقار علي چنا سميت مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن آزادي جي اهميت اجاگر ڪندي شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عزم ورجايو ته وطن جي خوشحالي، سلامتي، ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکنداسين.
آگسٽ 1, 2025