عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو قائدآباد دورو، نون ميمبرن جي پارٽي ۾ شموليت

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي اڳواڻ جو دورو  نون ميمبرن  جي شموليت  عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد تنيو ۽ سنڌي مزدور تحريڪ ملير جي سيڪريٽري جبار پليجو جي اڳواڻي ۾ قائدآباد جو دورو ڪيو ويو جتي  تعليمي،

سياسي ۽ تنظيمي گڏجاڻي ڪئي ويئي گڏجاڻي ۾ جاويد پليجو، وقار مرکنڊ، منير پليجو، عمران پليجو، ڪامران پليجو، الھبچايو پليجو، زاھد پليجو، مجيد پليجو ۽ آريان پليجو (SBT) سميت ٻين  شرڪت ڪئي.گڏجاڻي دوران  عوامي تحريڪ جي فڪر،

جدوجهد ۽ پليجي ازم کان متاثر ٿيندي نون ميمبرن  پارٽي ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ڪيو. اڳواڻن نون ميمبرن  کي ڀليڪار ڪندي چيو ته تحريڪ جي واڌاري لاءِ گڏجي جدوجهد جاري رکي ويندي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو