ملير ۾ سنڌي ادبي سنگت جي حسين ادبي تقريب 3 آگسٽ تي منعقد، تياريون مڪمل – روڊ حادثي ۾ نوجوان زخمي، علائقي واسين پاران هيوي ٽريفڪ خلاف احتجاجي مطالبو
ملير (ڊر) مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت فيز ون شاخ جي ميزباني هيٺ حسين ادبي تقريب، تياريون مڪمل ، عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي سهڪار سان 3 آگسٽ تي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت فيز ون شاخ جي طرفان حسين ادبي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آھي، جنهن جي تيارين کي آخري شڪل ڏئي وئي آھي.تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان شاعرن، اديبن ۽ نقادن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آھي. تقريب جي صدارت نامياري اديب ضياء ابڙو ڪندو،
جڏهن ته خاص مهمان طور ٻه نمايان شاعر غوث پيززادو ۽ امتياز دانش سان گڏ ٻه نقاد امداد سولنگي ۽ شير مهراڻي خطاب ڪندا ، حسين ادبي تقريب جي ميزباني عوامي پريس ڪلب ملير جا عهديدار، سرپرست اعليٰ قاضي لطيف بلوچ، صدر عبدالقادر درس، جنرل سيڪريٽري منظور سولنگي ۽ ٻيا صحافي سنڀاليندا تفصيل موجب مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت فيز ون شاخ جي ميزباني هيٺ حسين ادبي تقريب، تياريون مڪمل ،
عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي سهڪار سان 3 آگسٽ تي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت فيز ون شاخ جي طرفان حسين ادبي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آھي، جنهن جي تيارين کي آخري شڪل ڏئي وئي آھي.تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان شاعرن، اديبن ۽ نقادن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آھي. تقريب جي صدارت نامياري اديب ضياء ابڙو ڪندو،
جڏهن ته خاص مهمان طور ٻه نمايان شاعر غوث پيززادو ۽ امتياز دانش سان گڏ ٻه نقاد امداد سولنگي ۽ شير مهراڻي خطاب ڪندا ، حسين ادبي تقريب جي ميزباني عوامي پريس ڪلب ملير جا عهديدار، سرپرست اعليٰ قاضي لطيف بلوچ، صدر عبدالقادر درس، جنرل سيڪريٽري منظور سولنگي ۽ ٻيا صحافي سنڀاليندا ، اهو ادبي ميڙاڪو مراد ميمڻ ڳوٺ جي ايس ڊي او ھال ۾ منعقد ٿيندو،
جتي سنڌ جي مختلف حصن مان ايندڙ شاعر، اديب ۽ ادب دوست شرڪت ڪندا.ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي جنرل سيڪريٽري منظور سولنگي چيو ته: “سنڌي ادبي سنگت فيز ون شاخ جي حسين ادبي تقريب سنڌ جي ادب ۽ صحافت تي مثبت اثر ڇڏيندي، ڇو ته صحافي ۽ اديب جو رشتو قلم جي طاقت سان جڙيل آھي،
۽ جڏهن ڀلوڙ اديب قلم کڻن ٿا ته لفظن جي ترتيب اهڙي خوبصورتي سان ٿي وڃي جو ٻڌندڙ حيران ٿي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن پروگرامن جو هر ضلعي ۾ اهتمام ٿيڻ گھرجي ته جيئن نوجوانن ۾ ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿئي ۽ ادب سان واڳاپو وڌي. آخر ۾ منظور سولنگي سنڌي ادبي سنگت فيز ون شاخ جي ساٿين کي جس ڏيندي چيو ته اهي ادبي خدمتون لائق تحسين آھن.
ملير ملير درسانو ڇنو غلام محمد باغ حاجي يوسف ڳوٺ ڀرسان تيز رفتار ٽينڪر جو راهگير موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر نوجوان سخت زخمي ٿي پيو علائقي واسين سماجي اڳواڻن واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هيوي ٽريفڪ ٽول ٽيڪس بچائڻ لاءِ ڳوٺن جي لنگهن تي ڪاهي پئي آهي جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن انتظاميا فوري طور تي نوٽيس وٺي هيوي ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ سميت مک روڊ ڀرسان موجود غير ضروري وڻن جي واڍي ڪرائي شهرين کي سفري سهولتون فراهم ڪري ته جيئن امڪاني طور روڊ حادثن کان بچا ٿي سگهي
آگسٽ 1, 2025