دادو: نئين ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ صفائي عملو پگهارون نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) نئين ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال دادو ۾ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ صفائي عملي کي ٻه مهينا گذرڻ باوجود پگهارون نه ملي سگهيون، جنهن خلاف صفائي عملو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. صفائي عملي پاران پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، جتي هنن دانهن ڪئي ته سندن ٻن مهينن جون پگهارون بند آهن،

جنهن سبب سندن ۽ سندن گھر ڀاتين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته اسپتال ۾ صفائي جو ذموار ٺيڪيدار “الفاروق انٽرپرائيز” آهي، جنهن 48 سينٽري ورڪرن جون 2 مهينن جون رهتون پگهارون ۽ عيد قربان تي واعدي موجب 10-10 هزار رپيا بونس به اڃا تائين ادا نه ڪيا آهن هنن چيو ته روز جي اجرت تي ڪم ڪندڙ غريب مزدورن لاءِ اها آمدني ئي گذر سفر جو واحد ذريعو آهي،

پگهارون نه ملڻ سبب نه صرف انهن کي سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پر سندن گهر ڀاتي به فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن ملازمن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن سندن رهتون پگهارون جلد ادا نه ڪيون ويون ته اسپتال اندر صفائي جو ڪم بند ڪيو ويندو ۽ احتجاج جو دائرو ضلعي سطح تائين وڌايو ويندو هنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، کين سندن جائز حق فراهم ڪري، سندن سان انصاف ڪيو وڃي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو