ڦلجي اسٽيشن: پيرسن حاجي دائود پنهور پاران ناٺي جي ظلمن خلاف فرياد، ڌيءُ تي تشدد ۽ جاني نقصان جو خدشو، تحفظ لاءِ اعليٰ اختيارين کان اپيل
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور )ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ اسماعيل اڇڙا پنهور واسي پيرسن حاجي دائود پنهور پنهنجي معصوم پٽ علي حيدر سان گڏجي پنهنجي نياڻي (ناٺي) شيراز علي پنهور جي ظلم خلاف ايوان صحافت پريس ڪلب آفيس پهچي ويو ،
نياڻي (ناٺي) تي ڌيء مٿان سخت تشدد ڪرڻ جاالزام ، ڪاروائي جو مطالبو ان موقعي تي پيرسن دائود پنهور روئيندي ٻڌايو ته چار سال اڳ ڌيء ڪلثوم پنهور کي ڀائيٽي مظھر جي پٽ شيراز پنهور سان شادي ڪرائي هئي ، پرڻي کان پوء ستت ئي ڪيترائي ڀيرا نياڻي (ناٺي) شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ڌيء مٿان سخت تشدد ڪري مرڻينگ ڪندو رهيو آھي ، منهنجو نياڻو شرابي ۽ عياش قسم جو ماڻھو آھي
جيڪو منهنجي ڌي تي ايڏو تشدد ڪري ٿو جو هو بيهوش ٿي وئي جنهنجو اطلاع منهنجي ڀائرن مون کي ڏنو ته تنهنجي ڌي بيهوش پئي آھ ، منهنجي ڌيء مڙس جي روز تشدد کان تنگ اچي ڌيء ڪيترائي ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آھي ،
جنهن سبب مان ڌيء کي پنهنجي گهر وٺي ويهاري ڇڏيو آهي ، جنهن کي ٽي سال گزري چڪا آھن ان وچ ۾ ڪڏهن به هو منهنجي نياڻي وٺڻ نه آيا آھن نه ئي هنن ڌيء جي گهر ڪئي آھي ، جنهن کان منهنجي ڌيء مون ڪلام قران پاڪ لاهي وڌو آھي ته جيڪڏهن توهان مون کي مڙس ڏي موڪليندئو ته پوء مان پاڻ کي ماري ڇڏيندم يا ته مون کي گهٽو پنهنجي ئي هٿ سان ماري ڇڏيو باقي مان پنهنجي ساهرن هاڻي هرگز نه ويندم جنهن کان پوء مان ڌيء کي ڪورٽ سڳوري ۾ طلاق لاء پيش ڪيو آهي جنهن تان نياڻو مون مٿان ڏمرجي پيو آهي
ھو بااثر آھي عياش آھ هن مون کي موٽر سائيڪل تان ڪيرائي تشدد ڪيو آھي ۽ مونکي ۽ منهنجي گهروارن کي جاني مالي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي مان پورهيت ، مسڪين ماڻھو آهيان ،نياڻي( ناٺي) جا لوفر قسم جي ماڻهن سان واسطا آهن هن مان اسانکي جاني مالي نقصان جو خدشو آهي
نياڻو ڪنهن وقت ڪو به نقصان ڏئي سگهي ٿو ، نياڻو نشائي هجڻ سبب ڪنهنجي به چيئي آکيي ۾ نه رهيو آھي ، پيرسن ايس ايس پي دادو سميت وسوارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نشائي شرابي نياڻي( ناٺي) خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي ،
آگسٽ 1, 2025