جوهي: منشيات فروشي ۽ ڦرن جي ڀرمار، پوليس خاموش تماشائي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جوهي شهر ۾ پوليس منشيات فروشن ۽ جوا شراب جي اڏن کان مبينا منٿلي وٺڻ تائين محدود ٿي وئي آهي، جنهن سبب شھري غير محفوظ بڻجي ويا آهن. روزانو ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا معمول بڻجي ويا آهن تازه ترين واقعي ۾ ڳوٺ حاجي خان واسي ڳوٺاڻي سڄڻ سولنگي کي هٿياربند جوابدارن پاران جوهي-
دادو روڊ تي ڳوٺ غلام حسين گاڏھي ڀرسان يرغمال بڻائي، سندس موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪيا ويا. واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس روايتي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي مقامي شهرين جو چوڻ آهي ته پوليس جي بي حسي ۽ منشيات فروش سان سازباز ڪري علائقي ۾ ڏوهن کي وڌڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي.
شھري مطالبو ڪري رهيا آهن ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري امن امان بحال ڪيو وڃي.
آگسٽ 1, 2025