بلوچستان: دهشتگردي ڪيس ۾نامزد ٻي جماعت جي شاگرد جي هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ عدالت 7 ورهين جي ٻار صهيب خالد جي هڪ لک رپين جي عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
صهيب خالد کي اهڙي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو ايران سان لڳندڙ سرحدي ضلعي ڪيچ ۾ سي ٽي ڊي طرفان داخل ڪيو ويو هو.
اهو ڪيس ضلعي ڪيچ جي هيڊڪوارٽر تربت ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي تي انساني حقن جي ڪارڪن گلزار دوست خلاف داخل ڪيو ويو، جنهن تحت کيس گرفتار به ڪيو ويو آهي.

ٻار کي ڪيس ۾ ڇو شامل ڪيو ويو؟
سي ٽي ڊي مڪران طرفان تربت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فورٿ شيڊول ۾ شامل گلزار دوست جي تقرير ٻار صهيب خالد جي سوشل ميڊيا آءِ ڊي تان شيئر ڪئي وئي.

گزار دوست ڪير آهي؟
گلزار دوست مڪران ۾ جبري گمشدگين خلاف سرگرم انساني حقن جي ڪارڪن طور ڪم ڪري ٿو، جنهن ڪجهه سال اڳ تربت کان ڪوئيٽا تائين 700 ڪلوميٽر جو پيادل لانگ مارچ پڻ ڪيو هو.
سندس نالو اڳ ئي فورٿ شيڊول ۾ شامل هو، پر ڪجهه ڏينهن اڳ تربت ۾ فدا شهيد چوڪ تي هڪ تقرير کانپوءِ مٿس خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ آر موجب، گلزار دوست جي وڊيو صهيب خالد جي سوشل ميڊيا آءِ ڊي تان اپلوڊ ٿي، جنهن کان پوءِ شڪيل مراد نالي شخص اها وڊيو واٽس ايپ گروپ تي شيئر ڪري وڌيڪ وائرل ڪئي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، ان وڊيو سان دهشتگردن جي حوصلا افزائي ٿي ۽ اها مبينا طور نوجوانن کي رياست ۽ رياستي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جو سبب بڻي.
ڪيس ۾ نامزد ٿيڻ کانپوءِ ٻار جي ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويو.
گلزار دوست خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ جنهن ۾ ٻار کي به شامل ڪيو ويو آهي دهشتگردي ايڪٽ جا مختلف قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ٻار جي وڪيل جاڙين دشتي ايڊووڪيٽ موجب، ڪيس ۾ دهشتگردي قلم هئڻ سبب تربت ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪيو ويو.
وڪيل جو چوڻ هو ته اسان جي درخواست تي جج نثار عليزئي 7 ورهين جي ٻار جي هڪ لک رپين جي ضمانت منظور ڪئي.
ان موقعي تي صهيب خالد جي پيءُ ٻڌايو ته سندس پٽ ٻي جماعت جو شاگرد آهي ۽ عمر ۾ تمام ننڍو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ممڪن آهي ته ٻار جي عمر بابت ڄاڻ نه هئڻ ڪري سندس نالو ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هجي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو