پاڪ-چين ڀائيواري گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: فيلڊ مارشل

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جون فوجون حقيقي معنيٰ ۾ ڀائيچاري واريون فوجون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف عاصم منير، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پيپلز لبريشن آرمي جي يومِ تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪيو.
ان موقعي تي فِيلڊ مارشل چيو ته پاڪ-چين ڀائيواري گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجن جو رشتو ڀائيچاري ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته پاڪ-چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد جي بهترين مثال آهن.
ان موقعي تي چين جي سفير جيانگ زائيدونگ، آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو