”آپريشن مهاديو“ جي اسان جي نظر ڪا به اهميت ناهي ، ڀارت ڪهڙيون ڪهاڻيون پيو گهڙي: پاڪستان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي ايٽمي بليڪ ميلنگ جي بيانئي کي مڪمل طور رد ڪري ٿو ۽ آپريشن مهاديو اسان جي نظر ۾ ڪا به اهميت نه ٿو رکي.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران ترجمان چيو ته ڀارتي لوڪ سڀا ۾ آپريشن سندور بابت ڀارتي اڳواڻن جا الزام ۽ چڙ ڏياريندڙ دعوائون بي بنياد آهن، اهڙا بيان حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ پنهنجي جارحيت کي جواز ڏيڻ جي ڪوشش آهن.
ترجمان موجب ڀارت، پهلگام حملي جي جاچ کانسواءِ پاڪستان تي حملو ڪيو6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي حملي ۾ بيگناهه شهري شهيد ٿيا.
هن چيو ته ڀارت پنهنجي اسٽرٽيجڪ مقصدن ۾ مڪمل ناڪام رهيو، جڏهن ته پاڪستان ڀارتي جهازن ۽ هدفن کي نشانو بڻائي ڀرپور جواب ڏنو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجو نقصان تسليم ڪن ۽ ٽئين ڌر جي ڪردار کي مڃين. پاڪستان شفاف ۽ اڻڌري جاچ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا ڀارت رد ڪري ڇڏي. ڀارت جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڻ ئي جج، جيوري ۽ ايگزيڪيوٽر بڻجي ويو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت جي ”نيو نارمل“ واري بيانئي کي به مڪمل طور رد ڪري ٿو، اسان جي لاءِ لاڳاپن جو واحد اصول خودمختياري جو احترام ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي بابت بيان پڻ بي بنياد آهن، معاهدي کي معطل ڪرڻ وارو ڀارتي اعلان عالمي معاهدن جي توهين آهي. ڀارت طرفان هڪ طرفي ۽ غيرقانوني ڪارروائي تي فخر ڪرڻ افسوسناڪ آهي.
هن واضح ڪيو ته ڀارت غلط معلومات، جنگي جنون ۽ گدڙ ڀڀڪين سان خطي کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ بامقصد ڳالهين جو خواهشمند آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آپريشن مهاديو بابت ڀارتي دعوائون پاڪستان جي نظر ۾ بي معنيٰ آهن، ڀارتي گهرو وزير جو بيان ڪوڙ ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پهلگام حملي جي مبينا جوابدارن کي لوڪ سڀا اجلاس کان اڳ ئي ماريو ويو هو.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو