نوَ مئي ڪيس: هڪ جوابدار کي 25 سال ٽيِپ، 51 اشتهاري قرار

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي دهشتگردي جي ٽوڙ عدالت واري عدالت 9 مئي ميانوالي جڊيشل ڪامپليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسماعيل کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
ان کانسواءِ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ احمد خان بڇر، احمد چٺا، بلال اعجاز سميت 51 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو .
ياد رهي ته عدالت اڳ ۾ ئي ان ڪيس ۾ عمر ايوب خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي مختلف ڪيسن ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، صاحبزاده حامد رضا ۽ زرتاج گل سميت 196 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون.