آمريڪي ريسلر هلڪ هوگن جي موت جي اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو

Spread the love

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي ريسلر هلڪ هوگن(ٽيري جين بوليا(24 جولاءِ تي 71 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
پنلاس ڪائونٽي جي فارنزڪ سائنس سينٽر جي دستاويزن موجب، سندس موت جو تصديق ٿيل سبب ”شديد دل جو دورو“ (Acute Myocardial Infarction) قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کي عام اصطلاح ۾ هارٽ اٽيڪ چيو ويندو آهي.
طبي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هوگن جي دل جي پٺن تائين رت جي فراهمي ۾ اوچتو رنڊڪ پيدا ٿي، جنهن سبب دل جي ٽشوز کي نقصان رسيو.
ان کانسواءِ هوگن دل جي بيماري ”ايٽريل فبريليشن“ مبتلا هو، جنهن ۾ دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ۽ تيز ٿي ويندي آهي.
دستاويزن ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هوگن ”ڪرونڪ لمفوسائٽڪ ليڪيميا“ نالي ڪينسر سان به جهيڙي رهيو هو، جيڪو رت جي سفيد خلين (ليمفوسائٽس) کي متاثر ڪندو آهي.
اِها ڳالهه سندس مداحن لاءِ حيرت جوڳي هئي ڇو ته هوگن جي بيماريءَ بابت اهڙي معلومات ڪڏهن به منظرِعام تي نه آئي هئي

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو