7 ورهين جي ڌيءُ کي هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا دل جو دورو پيو: عيني خالد جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا عيني خالد انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2024 ۾ سندس 7 ورهين جي ڌيءَ کي 24 ڪلاڪن دوران ٻن ڀيرا دل جو دورو پيو.
عيني خالد ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي پنهنجي ڌيءَ عيشا جي بهادري ۽ همت جي سفر بابت ٻڌايو.
هن لکيو ته مان يقين نٿي ڪري سگهان ته اها ڳالهه شيئر ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي، 23 جنوري 2024 اها تاريخ آهي، جيڪا سدائين لاءِ منهنجي روح ۾ لکجي وئي آهي، ان ڏينهن منهنجي 7 ورهين جي ڌيءَ عيشا کي آڪسيجن جي کوٽ سبب هڪ نه پر ٻه ڀيرا دل جو دورو پيو.
عيني ٻڌايو ته مان اسپتال ۾ ڀريل اکين سان پنهنجي ان ڌيءُ کي ڏسي رهي هيس، جيڪا دل جو دورو پوڻ کانپوءِ بيهوش تارن ۽ مشينن ۾ وچڙي پئي هئي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي عيشا بلڪل صحتمند ڄائي هئي، کيس ڪا بيماري نه هئي پر ان جي جسم جي عضون ۾ خرابي ۽ اڌ رنگ جي شڪايت هئي، هوءَ گهڻو نه هلي سگهندي هئي، ويل چيئر ان جي زندگي جو حصو بڻجي وئي آهي.
هن چيو ته مان زندگي جي ان ڏکئي ترين وقت ۾ به الله تي ايمان قائم رکيو، ڇو ته جڏهن دوا ڪم ناهي ڪندي ته دعا ڪم ايندي آهي.
عيني خالد چيو ته منهنجي ڌيءُ جيئري هجڻ هڪ معجزو آهي ۽ ڊاڪٽر به حيران آهن ته هوءَ صحتياب ٿي رهي آهي پر منهنجو يقين آهي ته جتي انسان جو عقل ختم ٿي ويندو آهي اتان الله جي رحمت شروع ٿيندي آهي.
هن چيو ته منهنجي ڌيءُ جيئري آهي، کلي رهي آهي، صحتياب ٿي رهي آهي، الله ڪندو ته هوءَ هڪ ڏينهن پنڌ به ڪندي.

آگسٽ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو