ڦلجي اسٽيشن ڀرسان هٿياربند ڌاڙو: پورهيت کان موٽرسائيڪل، موبائل ۽ روڪ رقم ڦر، پوليس غير حاضر

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور) ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد کوکر پيٽرول پمپ  وٽ ٻن اڻڄاتل هٿيار بند فورن هٿيارن  جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو ڳوٺ  ابرهيم ڪچي واسي  پورهيت محمد يامين جمالي کان سي، ڊي ،موٽر سائيڪل ماڊل 2025  موبائيل فون , روڪ رقم  ۽ سامان ڦر ڪري ڦورو فرار آساني سان فرار ٿي ويا،

اطلاع ملڻ باوجود پوليس نه پهتي ،رابطي تي ڦر متاثر ٻڌايو ته مان پنهنجي موٽر سائيڪل تي ڳوٺ کان ڦلجي اچي رهيو هوس ته کوکر پمپ ڀرسان  مين روڊ تي اچانڪ ٻه هٿيار بند موٽر سائيڪل سوار پاسي ۾ اچي ويا ۽ هٿيار ڏيکاري سرعام ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل، روڪ رقم، موبائيل فون ۽ سامان ڦر ڪري ويا

اهڙو اطلاع ڦلجي پوليس کي ڪيو پر پوليس نه پهتي ، هن وڌيڪ چيو ته غريب مسڪين آهيان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ،

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو