سانگھڙ ۾ 9 کان 14 ورهين جي نياڻين لاءِ HPV ويڪسين مهم جو جائزو، 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي
سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ ڪوآرڊينيشن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت ۽ تعليم کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 9 کان 14 ورهين جي عمر جي نياڻين کي هيومن پيپلوما وائرس (HPV)
کان بچاءَ جي ويڪسين ڏيڻ واري مهم،جو جائزو ورتو جيڪا 15 کان 27 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندي. ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو 9 کان 14 ورهين جي عمر جي زير تعليم شاگردياڻين جو انگ صحت کاتي حوالي ڪن ته جيئن انهن کي ويڪسين ڏئي سروائيڪل ڪينسر( ٻچي داني جو ڪينسر) کان بچائي سگهجي. اجلاس ۾ موجود صحت کاتي جي نمائندن مهم بابت هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني ۽ مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون.
ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد چيو ته صحتمند سماج اسان جي پهرين ترجيح آهي، ۽ هيومن پيپلوما وائرس جهڙين بيمارين کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون ۽ ويڪسينشن تمام ضروري آهن. ان موقعي تي، اسسٽنٽ ڪمشنرز، ڊاڪٽر دولت جمالي، ضلعي تعليم آفيسر مصطفيٰ لغاري، آفتاب احمد (يونيسيف)، ڊاڪٽر سيد بلال حسين (ڊبليو ايڇ او)، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 31, 2025