ٺٽو: حضرت صوفي فقير عبدالله مسڻ رحه جو 44هون عرس 6 کان 9 صفرالمجرب تائين عقيدت سان ملهائڻ جون تياريون مڪمل
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) سنڌ جي مشهور درگاھ حضرت صوفي فقير عبدالله مسڻ رح جو 44 ھين عرس مبارڪ جون تياريون شروع ٿي ويون، ٽي روزہ عرس مبارڪ 6 کان 9 صفرالمجرب پهرين کان 4 آگسٽ تي ٺٽو شهر جي مسڻ محلا ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان صوفي ريتن رسمن تحت ملهايو ويندو، ميلي سبب شهر کي نئين ڪنوار وانگر سينگاريو ويو آهي،
ميلي ۾ پوري ملڪ مان طالب، مريد، عقيدتمندن جي پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ميلي جا 3 ڏينهن محفل موسيقي،ڪچھري، چادر ۽ مهندي جون رسمون ادا ڪيون وينديون، عرس مبارڪ جو افتتاح درگاھ جي سجاده نشين حضرت صوفي فقير جکرو مسڻ، حضرت صوفي فقير علي احمد ثاني سرڪار، گادي نشين صوفي علي دوست مسڻ، صوفي عبدالله ثاني المعروف ڏاڏا سائين ،صوفي علي مردان،صوفي علي وارث، صوفي اظهر علي، صوفي اسد علي، صوفي تصور علي، صوفي علي يزدان مسڻ، صوفي علي سردار، صوفي عليوردان،
نصير جسڪاڻي، اختر هاشماڻي درگاھ تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪندا، ميلي ۾ صوفي رنگ ڏسڻ وٽان هوندا، ميلي ۾ امن، محبت، ڀائيچاري، ادب جي پرچار جو پيغام ڏنو ويندو، جڏهن ته عرس مبارڪ ۾ پي ٽي وي ۽ سنڌ جا جڳ مشهور فنڪار ۽ ويراڳي شرڪت ڪندا، جڏهن ته عرس مبارڪ ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين شهر مان محبتي ۽ طالب، عقيدمند شرڪت ڪندا،
جُولاءِ 31, 2025