علي رضا انصاري ميونسپل ڪمشنر بلديه اعليٰ سکر طور عهدو سنڀالي ورتو، بلدياتي خدمتن جي بهتري لاءِ هدايتون جاري
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)علي رضا انصاري ميونسپل ڪمشنر بلديه اعليٰ سکر جو عهدو سنڀالي ورتو، سرڪاري ذميوارين جي ادائگي جو باقاعدي آغاز سکر ۾ سينيئر آفيسر علي رضا انصاري گذريل ڏينهن (خميس) تي بلديه اعليٰ سکر جي ميونسپل ڪمشنر طور پنهنجو عهدو باضابطه طور سنڀالي، جنهن بعد هن پنهنجن سرڪاري ذميوارين جي ادائگي جو باقاعدي آغاز ڪيو. عهدو سنڀالڻ جي موقعي تي بلديه جي مختلف شعبي جي آفيسرن ۽ عملي هن جو پرجوش آجيان ڪيو.علي رضا انصاري هڪ تجربيڪار ۽ سرگرم آفيسر آهن،
جيڪي ان کان اڳ به ايڊمنسٽريٽر بلديه اعليٰ سکر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. انهن جي اڳئين دور ۾ بلدياتي انتظام، صفائي سٿرائي، شهري سهولتون ۽ ترقياتي منصوبن ۾ واضح اڳڀرائي ڏٺي وئي، جيڪا شهري ۽ انتظامي حلقن ۾ ساراهه جوڳي رهي.عهدو سنڀالڻ بعد علي رضا انصاري بلديه سکر جي مختلف شعبن جو ابتدائي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل آفيسرن سان تعارفي اجلاس به منعقد ڪيو. اجلاس دوران صفائيءَ جي نظام، نيڪالِ آب، اسٽريٽ لائيٽس، پارڪن جي بحالي، روڊن جي مرمت،
۽ شهري شڪايتن جي اثرائتي نموني حل بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.هن آفيسرن کي واضح هدايتون ڏيندي چيو ته:بلدياتي خدمتن جي فراهميءَ ۾ ڪا به غفلت، لاپرواهي يا دير برداشت نه ڪئي ويندي.هن چيو ته سڀني شعبن جي آفيسرن ۽ فِيلڊ عملي کي پنهنجون ذميواريون سنجيدگي، ايمانداري، ۽ وقتائتي طريقي سان ادا ڪرڻيون پونديون ته جيئن شھرين کي سڌي ريت فائدو ملي سگهي.بلديه اعليٰ سکر پاران علي رضا انصاري کي نئين ذميواريء سنڀالڻ تي ڀليڪار چيو ويو آهي، ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سندن قيادت هيٺ شھر جي بلدياتي خدمتن ۾ نمايان سڌارو ايندو، ۽ سکر جا شهري صاف سٿرو، منظم ۽ جديد شهري ماحول مان لطف اندوز ٿي سگهندا.
جُولاءِ 31, 2025