ملير: سومار ڪنڊاڻي خاصخيلي واسين جو بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل، ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

ملير( ڊر ) يوسي مراد ميمڻ جي علائقي سومار ڪنڊاڻي خاصخيلي ڳوٺ واسين جو بجليءَ جي بندش خلاف ملير ندي پل تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ٽائرن کي باهيون ڏئي مک روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون

احتجاج سبب ڪراچي صدر ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڳوٺاڻن علي شير خاصخيلي عدنان خاصخيلي اڪرم خاصخيلي امين خاصخيلي جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بلن جي ادائيگي باوجود گذريل ٽن ڏينهن کان سموري علائقي جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي بجليءَ جي بندش سبب  علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي بجليءَ جي بندش سبب رات جو آرام ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪاروباري سرگرميون معطل ٿي ويون آهن

ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد بلوچ ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ٻين کي اپيل ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي وڌندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪري علائقي واسين کي رليف فراهم ڪيو وڃي

جُولاءِ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو