سکر: ايس ايس پي اظهر خان حرا اسپتال پهچي زخمي پوليس اهلڪار جي عيادت، جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)ايس ايس پي سکر اظهر خان جي حرا اسپتال آمد، روڊ حادثي ۾ زخمي اهلڪار جي عيادت، صحتيابي لاءِ دعا ۽ نيڪ تمنا جو اظهار ترجمان سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڊيوٽي دوران پوليس ڪانسٽيبل صوبدار مهر جي حادثي جي اطلاع تي ايس ايس پي سکر اظهر خان زخمي اهلڪار جي عيادت لاءِ حرا اسپتال سکر پهتا۔
ايس ايس پي سکر اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس جوان جي طبيعت بابت ڄاڻ ورتي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔ ان موقعي تي هن کين پوليس کاتي پاران هر ممڪن مدد ڏيڻ جي پڪ ڏياري۔ايس ايس پي اظهر خان، زخمي اهلڪار جي مدد لاءِ سکر پوليس جي ويلفيئر آفيسر کي هدايت ڏني ته هو زخمي جوان سان هر وقت رابطي ۾ رهي ۽ ضروري مدد مهيا ڪري۔
جُولاءِ 31, 2025