سانگهڙ ۽ ڀرپاسي ۾ چورين جي لهر، عوام بيچين – پوليس بيخبر

Spread the love

سانگھڙ( ڊ ر ) سانگهڙ شهر سميت ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ چورين ۽ ڦورن جو آزار وڌي ويو، عوام راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور، پوليس اگھور ننڊ ستل، يوسي پيرڪهير مان هڪ رات ۾ نامعلوم چورن مزدوري سانگي آيل ڀيل برادري جو ٻه ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ساڳي رات گوٺ غلام قادر ناريجو مان بشير رونجهو جون به ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا،

صبح ٿيندي ئي ڀيل برادري جا ماڻهون پنهنجي ٻڪرين کي هٿ ڪرڻ لاءِ چوپائي مال جي لڳندڙ پڙي جو رخ ڪيو ته کپرو لڳ چورن پاران وڪرو ڪيل ڀيلن جون ٻڪريون ڀيلن هٿ ڪري ورتيون جڏهن ته چور اڃان هٿ نه اچي سگهيا، جڏهن ته ٻئي پاسي چوٽياريون ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي رمضان لغاري ڀرسان ڪامران آرائين جي گهر کي کاٽ ھڻي مبينه 3 تولا سون ۽ 3 لک روڪ رقم نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا،

ڀاڳين کوجي ڪتن زريعي پيرا کنيا ته کوجي ڪتا شنباڻي برادري جي گھر ۾ ويھي رھيا، جيڪي ڪجھ سال اڳ اتر سنڌ کان لڏي ھتي اچي آباد ٿيا ھئا، اھڙي اطلاع تي چوٽياريون پوليس پھتي ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، جڏھن شنباڻي برادري جو چوڻ آهي ته اسان چور ناھيون اسان ڀاڳين کي ھر ونھوار ڏيڻ لاء تيار آھيون،

ھوڏانھن چوٽياريون ٿاڻي جي ايس ايڇ او نبي بخش لاشاري جو ڇوڻ ھو ته اسان وٽ اڃا تائين ڪو به فريادي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيو آھي، فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو