آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب شاندار انداز سان منعقد ٿي.

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ڪئي وئي، ۽ پاڪستان جو قومي ترانو پڻ پيش ڪيو ويو تقريب شاندار نموني سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، واپاري، صحافتي ۽ مذهبي برادرين جا نمائندا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ خاص مهمان طور آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي صدر عبدالقيوم قريشي، مرڪزي اڳواڻ ڪامران قريشي نوابشاهه، جنرل سيڪريٽري سنڌ محمد امين ميمڻ، ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا، حلف برداري دوران نون چونڊيل عهديدارن ۾ چيئرمين سيٺ حاجي حسين کوکر، صدر سيٺ گل حسن پنھور، جنرل سيڪريٽري ممتاز علي چنا ، خزانچي عبدالڪريم کوکر ، نائب صدر عبدالرئوف مستوئي، سينيئر نائب صدر اقبال قريشي ،انفارميشن سيڪريٽري غلام مرتضىٰ پنھور، جونيئر نائب صدر بابن خان سورھيو،  صلاحڪار منظور جمالي،  نديم  شيخ، يامين خان ڀنڊ شامل هئا، جن کي باقاعدي طور تي حلف کڻايو ويو. آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي اڳواڻن مختلف جڳهن تي وک وک تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ،۽ ثقافتي اجرڪ ،ٽوپي جا تحفا ڏنا ويا.

تقريب جي موقعي تي دادو جي واپاري برادري پاران مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. موندر ناڪو کان شروع ٿيندڙ ريلي مختلف بازارن مان ٿيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال تي پهتي، جتي حلف برداري جي تقريب عمل ۾ آندي وئي.تقريب ۾ ضلعي جي واپاري برادري سميت هر شعبي جي ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪري تقريب کي تاريخي بڻائي ڇڏيو،

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو