سيوهڻ ۾ اسڪولن جي مرمت ۾ دير: شاگردن جي تعليم خطري ۾، والدين جو اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ  ( رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ تعلقه ۾ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي نااهلي جاري آهي،

اسڪول جي ٺيڪيدار جي عدم دلچسپي سبب يونين ڪائونسل جهانگارا جي سڀني اسڪولن جي تعميراتي ڪم سست رفتاري جو شڪار، شاگردن جو مستقبل داء تي لڳل، جڏھن ته اسڪولن ۾ اونھاري جي ووڪيشن ختم ٿيئڻ ۾ صرف ھڪ ڏينھن بچيو آھي،

  اڃان تائين گذريل ٻن مھينن ۾ اسڪولن جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿي نه سگھيو آھي، جڏھن ته تاريخ 01-08-2025 بروز جمع جي ڏينھن اسڪولن جي وڪيشن ختم ٿي ٻيھر اسڪول کلي رھيا آھن، جھانگارا يونين ڪائونسل جي ڪيترن اسڪولن جو مرمتي ڪم گذريل ٻن مھينن کان جاري آھي،

اھو ڪم ووڪيشن ۾ پورو ٿي نه سگھيو آھي، جڏھن ته مرمتي ڪم شروع ھئڻ ڪري ٺيڪيدار جو تعميراتي ڪم جو مٽيريل اسڪولن ۾ پيل آھي، اسڪول پھرين آگسٽ تي کلڻ جي ڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيئڻ جو خطرو موجود آھي، جڏھن ته اڃان تائين اسڪولن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪمرن جي ڇت وغيره به پئجي نه سگھي آھي، جھانگارا يونين ڪائونسل تعلقه سيوھڻ جي متاثر شاگردن ۽ انھن جي  والدين مطالبو ڪيو آهي سنڌ جي وڏي وزير،

سنڌ جي تعليم واري وزير، سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري کان ته ھن  معاملي جو نوٽيس وٺن، ۽ اسڪولن جي مرمتي ڪم ڪندڙ ٺيڪدارن ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي انجنيئرن خلاف قدم کنيو وڃي، ۽ تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل ۽ ڪم ۾ دير ڪرڻ تي انھن جي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ۽ اسڪولن جي ووڪيشن ختم ٿيئڻ واري آھي، ٻارڙن کي اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ڪو ٻيو بندوبست ڪيو وڃي، ته جيئن ٻارڙن جي تعليم متاثر نه ٿئي.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو