سکر ۾ وڌندڙ ڏوهن تي ملڪ برادري جي چيئرمين جي ڳڻتي: امن امان بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو

Spread the love

سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ  )سکر ۾ وڌندڙ ڏوهن تي ملڪ برادري جي چيئرمين جو ڳڻتي جو اظهار خبر موجب ملڪ برادري سکر جي چيئرمين ۽ سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبر ملڪ محمد فهد رضوان الحق سکر ۽ روهڙي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ ڏوهن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سکر ۾ ڏوهن جي وارداتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب شهرين ۽ واپاري برادري ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته هاڻ اهڙو ڪو ڏينهن ناهي جڏهن سکر ۾ ڦرن، اسٽريٽ ڪرائيمز، موٽرسائيڪل چوري يا هٿيارن جي زور تي واردات نه ٿئي. “عوام گهرن، بازارن ۽ روڊن تي به محفوظ محسوس نه ٿا ڪن،” هن افسوس سان چيو. ملڪ فهد رضوان جو چوڻ هو ته اهڙي صورتحال واپارين ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪري رهي آهي، جيڪا مقامي معيشت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته هو ذاتي توجهه ڏئي شهر جي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائين.

هن مطالبو ڪيو ته شهر جي حساس علائقن ۾ پوليس جو گشت وڌايو وڃي، ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوام سان رابطي کي مضبوط بڻائي سگهارو نظام قائم ڪيو وڃي. “سکر کي ٻيهر امن جو گهوارو بڻائڻ ضروري آهي،” هن چيو. ملڪ فهد رضوان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو ڏوهارين سان سختي سان نموني، جيئن ته عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي ۽ شهر محفوظ بڻجي سگهي.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو