کينسر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ ٿرپارڪر جي کليل ڪچهري: پيئڻ جي پاڻي، تعليم ۽ صحت سميت عوامي مسئلن تي ڪارروائي جو واعدو

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلیٰ ٿرپارڪر محمد عمر پنهور پاران  تعلقه ڏاهلي جي شهر کينسر ۾ عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ريجنل ڊاريڪٽر مُحتسب اعليٰ ٿرپارڪر تعلقه ڏاهلي جي عوام جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي،

 ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي ٿرپارڪر محمد عمر پنهور پاران رکايل کليل ڪچهري ۾ شهرين ۽ مختلف ڳوٺن کان آيل ماڻهن پيئڻ جي پاڻي، تعليم، صحت، روينيو سميت مختلف مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون، انهي موقعي تي هن چيو ته  اوهان جي  درخواستن تي لاگاپيل ادارن کان جلد جائز مسئلا حل ڪرايا ويندا.

ڪا به شڪايت هجي ته ان جي حوالي سان درخواست مون تائين پهچايو ته جيئن توهان جا جائز مسئلا حل ڪري سگهجن. هن چيو ته عوام جا جائز مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ کليل ڪچهري رکي وئي آهي جيئن عوام جا مسئلا ٻڌي ۽ حل ڪري سگهجن، کليل ڪچهري ۾ صحت، تعليم، پوليس، روينيو عملدارن سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو