” مين منٽو نهين هون“ ۾ عورت جي ”جسماني بيهڪ “ تي ٺٺول واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هُمايون سعيد سَجل علي جي مشهور ڊرامي ”مين منٽو نهين هون “ جي چوٿين قسط ۾ هڪ عورت جي جسامت بابت مزاحيا ڊائلاگ تي نه رڳو ڊرامي جي ليکڪ پر سجل علي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڄاڻايل قسط ۾ هُمايون سعيد ڪلاس ۾ پڙهائيندي نظر اچي ٿو، جتي سَجل علي دير سان پهچي ٿي ۽ هوم ورڪ به نه ٿيل هوندو اٿس ، پڇڻ تي ٻڌائيندي آهي ته گهر ۾ سندس شاديءَ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، انڪري سندس پڙهائي متاثر ٿي.
سجل علي جي جواب تي هُمايون سعيد کيس ٻڌائيندو آهي هوءَ پڙهائي تي ڌيان ئي نه ڏئي رهي آهي، جنهن تي سجل علي ساڻس به شاديءَ بابت سوال ڪري ٿي جنهن سوشل ميڊي واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو آهي.

سجل علي هُمايون سعيد کان پڇي ٿي ته ڇا توهان شادي ڪئي آهي؟ هُمايون سعيد کيس چتائي ڏسي ٿو جنهن تي سَجل کيس ٻڌائي ٿي ته هن پنهنجي پُڦي سان شرط لڳائي آهي ته توهان جي شادي ٿي چڪي آهي، ٻه ٽي ٻار به هوندا ۽ توهان جي زال ” ٿُلهي“ به ٿي وئي هوندي.
سَجل علي جي ان ڳالهه تي تي هُمايون سعيد ويجهو اچي کائنس پڇي ٿو ته کيس ڪيئن خبر پئي ته سندس زال ” ٿُلهي“ ٿي ويئي آهي؟
جنهن تي سَجل علي چوندي آهي ته توهان جي صورت ۾ خوشيءَ جا آثار نظر نه پيا اچن، انڪري مان اندازو لڳايو.
سجل علي طرفان ” ٿُلهي“لفظ استعمال ڪرڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني ڪلاسن ۾ اهڙي قسم جا بحث نه ٿيندا آهن، اهڙي ڳالهه ڏيکارڻ غيراخلاقي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن عورت لاءِ ” ٿُلهي“لفظ استعمال ڪرڻ تي نه رڳو ڊرامي جي ليکڪ خليل الرحمان قمر کي نشانو بڻايو پر سجل علي تي به تنقيد ڪئي.
ڪجهھ ماڻهن جو خيال آهي ته ان عمل لاءِ ليکڪ جيترو ذميوار آهي اوترو ئي سجل علي به آهي، کيس اهڙو لفظ چوڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته هاڻي هوءَ وڏو نالو ۽ سينيئر فنڪار آهي.

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو