سنڌ ۾ مستحڪم زرعي مارڪيٽنگ نظام جي ضرورت!

Spread the love

پنجاب حڪومت آبادگارن کي سموريون زرعي خدمتون هڪ ئي هنڌ مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ملتان ۾ ماڊل ايگريڪلچر مال جي حوالي سان دنيا جي سڌريل ملڪن جي طرز وارو مرڪز قائم ڪيو آهي جنهن جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ان جو افتتاح به ٿيڻ وارو آهي۔ هن مال تي مختلف جنسن جا ٻج زرعي دوائون ڀاڻ زرعي مشينري زرعي قرضن جي فراهمي جنسن ميون ڀاڄين جو مارڪيٽ اگهن تي وڪري سان گڏوگڏ مال تي ايندڙ آبادگارن خريدارن ۽ واپارين جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو بندوبست هوندو۔ ملتان پاڪستان بلڪه پنجاب جو وڏي ۾ وڏو زرعي مرڪز آهي جتي هر روز ملڪ جي مختلف صوبن مان سايون ڀاڄيون ميوا مقامي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا جتي روزانو اربين رپين جو زرعي ڪاروبار ٿئي ٿو۔ زرعي دوائن ٻجن ڀاڻ ۽ زرعي مشينري ٽريڪٽرن جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ به ملتان ۾ آهي جو زراعت لاءِ ڪتب ايندڙ اهي سموريون شيون ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شهرن ۾ تيار ٿين ٿيون جتان بعد ۾ سنڌ سميت باقي صوبن ۾ وڪري لاءِ پهچن ٿيون جيڪي آبادگارن کي ڪجهه بلڪه گهڻيون مهانگيون ملن ٿيون جڏهن ته پنجاب ۾ اهي سستيون آهن ۽ هر آبادگار توڙي واپرائيندڙ آساني سان خريد ڪري سگهي ٿو۔

سنڌ ۾ اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ حڪومت مربوط زرعي مارڪيٽنگ جي حوالي سان ٽنڊوالهيار ۾ هن قسم جو پهريون مرڪز قائم ڪيو هو جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزير زراعت سنڌ سيد شفقت حسين شاهه مٽياري واري ڪيو هو جنهن جو اهو ويزن هو پر اهو مرڪز گهڻي دير هلي نه سگهيو ۽ بند ٿي ويو جنهن جو وڏو سبب مرڪز جي ڪامورن آبادگار تنظيمن جي عدم دلچسپي هئي۔ هن مرڪز جي قيام کانپوءِ وقت جي ڊويزنل ڪمشنر محمد عباس بلوچ زراعت کاتي ۽ زرعي مارڪيٽنگ کاتي جي گڏيل سهڪار سان حيدرآباد ۾ آبادگارن جي مارڪيٽ جو بنياد وڌو جتي آبادگار پنهنجي زرعي پئداوار پاڻ کڻي اچي پاڻ وڪرو ڪرڻ لڳا جنهنڪري سايون ڀاڄيون ۽ ميوو واپرائيندڙن کي سستو ملڻ لڳو۔ هن مارڪيٽ ۾ به مختلف جنسن جو ٻج زرعي دوائون توڙي ڀاڻ اسپريئر مشينون ۽ ٻيو ضرورت جو زرعي سامان به هن مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو جيڪو باقي مارڪيٽن جي اگهن کان گهٽ هيو پر ڪرونا جي ڦهلجڻ ڪري ۽ لاڳاپيل ادارن جي عدم دلچسپي ۽ تعاون سبب حيدرآباد جي منفرد آبادگار مارڪيٽ به پڄاڻي تي پهتي ۽ بند ٿي وئي۔ هن مارڪيٽ جي بند هجڻ جو اهو به سبب هو جو ان وقت حالي روڊ واري زرعي مارڪيٽ هالا ناڪا لڳ چئنل روڊ وٽ منتقل ٿي چڪي هئي پر فرق اهو هو جو منتقل ٿيل مارڪيٽ دلالن ۽ وڏن واپارين جي ور چڙهي وئي ۽ آبادگارن به آبادگار مارڪيٽ سان دلچسپي ۽ سهڪار گهٽ ڪري ڇڏيو هو۔ هونئن به سنڌ ۾ زرعي مارڪيٽنگ جو زوال اچي چڪو آهي ۽ نجي طور مارڪيٽن ۽ پڙين جو وجود اچي چڪو آهي جن کي سياسي طور پٺڀرائي آهي۔ سرڪاري زرعي مارڪيٽن تي به سياسي چيئرمن ٿاڦيل آهن جنهنڪري سرڪاري زرعي مارڪيٽ ڪاميٽين جي آمدني انهي حد تائين گهٽجي چڪي آهي جو اهي پنهنجي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن به نٿيون ڏئي سگهن۔ چوڻ جو مطلب ته نجي ۽ سرڪاري زرعي مارڪيٽن توڙي مال پڙين ۽ انهن جي منتظمين سنڌ ۾ زرعي مارڪيٽن جو زوال آندو آهي جنهنڪري سنڌ جو اڪثر آبادگار پنهنجي پئداوار پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مارڪيٽن ڏانهن موڪلي ٿو جنهنڪري سنڌ ۾ سايون ڀاڄيون ميوا ڪڪڙ ۽ ٻين جانورن جو گوشت مڇي جو اگهه وڌيل آهي جيڪو عام ماڻهو به خريد ڪرڻ جي قوت نٿو رکي۔           پنجاب زرعي ڪاروباري جي مرڪز شهر ملتان ۾ جنهن قسم جو ماڊل ايگريڪلچر مال ٺاهڻ جو بنياد وڌو آهي ان ۾ عالمي سطح جي زرعي مارڪيٽن ۽ آبادگار مارڪيٽن جهڙيون سهولتون هونديون جنهن سان هر ننڍو وڏو آباگار توڙي واپاري بهتر لاڀ حاصل ڪري سگهندو جو هن مال ۾ ايئرڪنڊيشن اسٽور به هوندا جتي ڀاڄيون ميوا کير گوشت مڇي ۽ کاڌي پيتي جو هر ضروري سامان محفوظ رهي سگهندو ۽ حڪومت آئي ڏينهن اگهه مقرر ڪندي رهندي۔ پنجاب حڪومت جو هي پهريون تجربو ۽ قدم آهي اڳتي هلي باقي وڏن شهرن ۾ به هن قسم جا وڌيڪ مال ٺاهڻ جو به ارادو رکي ٿي۔ هونئن به پنجاب ۾ زرعي مارڪٽنگ وارو نظام باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪافي مضبوط آهي جتي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن وقت تي ملي ٿي۔

سنڌ آخر زرعي مارڪيٽنگ واري شعبي ۾ ڪهڙي سبب پوئتي آهي انهن سببن تي غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي۔ سنڌ ۾ زرعي مارڪيٽن جي فرسوده قانونن کي هاڻ ڇڏڻ ۽ نون قانونن ٺاهڻ جي ضرورت آهي ۽ اختيارن جي هڪجهڙي ورهاست ٿيڻ گهرجي جيڪي چيئرمين ۽ سرڪاري ائڊمسٽريٽر وٽ  هجڻ گهرجن۔ زرعي مارڪيٽن کي دلالن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻو پوندو واپاري بدران آبادگارن کي زرعي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ اهميت ۽ اختيارات ملڻ گهرجن۔ سنڌ جي هر ضلعي ۽ ٽائون ۾ زرعي مارڪيٽن جي اڏاوت وارو ڪم ترجيحي بنيادن تحت مڪمل ڪرائڻو پوندو۔ ملازمن ۽ سندن پگهارن جو تحفظ ڪرڻو پوندو جيئن اهي۔ اهڙي طرح مارڪيٽ في کي ڊجيٽل نموني وصول ڪرڻ گهرجي ۽ هر مارڪيٽ جي گيٽ وٽ هر گاڏي ٽرڪ ٽرالي جو وزن ڪرڻ گهرجي۔ مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ آبادگارن جي رجسٽريشن ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح جيڪو به مال زرعي منڊي مان سب مارڪيٽن ڏانهن وڃي انهن جي به داخلا ۽ رڪارڊ ٺهڻ گهرجي۔ سب مارڪيٽن کي به ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ ساڳي وقت وڪري ٿيندڙ مال جي داخلا ۽ ڪمپيٽرائيزڊ رسيد جاري ٿيڻ گهرجي جنهن سان اگهن تي قابو پائڻ ۽ مهانگائي جي روڪٿام ۾ مدد ملي سگهندي۔

بهرحال زرعي مارڪيٽنگ واري شعبي کي عالمي معيار وٽان بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي ٻيو نه ته پوءِ به پنجاب جهڙو معيار هجڻ گهرجي جنهن لاءِ سنڌ ۾ به ماڊل ايگريڪلچر مال جهڙا مرڪز ٻيو نه سهي هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ٺاهيا وڃن۔ڪوشش اها ڪجي ته سنڌ جون سموريون سرڪاري زرعي مارڪيٽون مالي طور مستحڪم ٿين جن جي آمدني وڌي اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن مارڪيٽ ڪاميٽيون ڪنهن صوبائي زرعي مارڪيٽنگ بورڊ جي نگراني ۾ ڪم ڪن جن جو صوبائي چيئرمن گهٽ ۾ گهٽ سيڪريٽري سطح جو آفيسر هجي جنهن جا ميمبر آبادگارن واپارين ۽ زرعي مارڪيٽنگ جي گهٽ ۾ گهٽ 20 گريڊ جا آفيسر هجن۔

جُولاءِ 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو