ڄامشورو سيدآباد: غيرقانوني ڊرينج نالي خلاف علائقي واسين جو احتجاج، بااثرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

ڄامشورو ( رپورٽ : محمد وارث ( ڄامشورو جي سيدآباد واري علائقي ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي وارڊ 10 ۾ ٺھندڙ  ۾ ڊريننج نالي تي علائقي واسين کي سخت اعتراض روزي نالو ٺاھڻ خلاف احتجاج لاڳاپيل ادارن کي درخواستون نالي جي جا ليول ناھي زوري ڏنڊي جي زور تي بااثر پنھنجي گھرن جو گندو پاڻي اسان جي ھيٺائين وارن علائقن ۾ زوري نالي جو چوڙ ڇڏي اسان جا گھر ٻوڙايا پيا وڃن علائقي واسي   

ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 10 سيد آباد واري علائقي ۾ ھڪ ٺٺندڙ ڊريننج نالي جو منھن ھيٺين علائقن ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري عمل خلاف اتان جي علائقي واسين سخت اعتراض واريندي شھر جي معززين اتان جي علائقي جي چڱن اڳيان دانھون ڪرڻ بعد ان باوجود اتي زوري ڪم جاري رکڻ واري عمل خلاف نيٺ علائقي واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن انھن پبلڪ ھيلٿ کاتي ٽائون چئيرمين عملدارن وٽ اعتراضي درخواستون داخل ڪرايو آھن

ان حوالي سان علائقي واسين مدثر عباسي صدام ملاح عمران ملاح سيد جمن شاھ واحد بخش ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي اسان جي علائقي ۾ ٺھندڙ غيرقانوني ڊريننج نالو جيڪو پنھنجا گھر بچائڻ لاء پاڙي جي مسڪين ماڻھن جي گھرن کي گندي گٽرن جو پاڻي زوري ڏنڊي پاڻي جو رخ موڙي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي ۽اسان جي ھيٺائين وارن علائقن ڏانھن ڪيو پيو وڃي

 اھو ڏاڍ اسان مٿان اتان جا بااثر ماڻھو محمد مراد لنڊ ڪاشف لاکو ڪائونسلر سيد اصغر شاھ ۽ ٻيا زوري اسان مٿان ڏنڊي جي زور تي مڙھي رھيا آھن ھنن جو تـ اسان جو اعتراض ٻڌڻ بغير اسان کي الٽو ڌنڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ھنن چيو اسان حد جي چونڊيل نمائيندن معززين کي گذارش ڪيون ٿا پاڻي جو رستو قدرتي لنگھ ڏانھن ڪيو وڃي ھڪ بند پيل نالي ۾ زوري داخل ڪرڻ بند ڪيو وڃي

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو