سکر: وفاقي محتسب آفيس ۾ اهم اجلاس، سيپڪو کي فيصلن تي فوري عملدرآمد جي هدايت
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) وفاقي محتسب ريجنل آفيس سکر ۾ اهم اجلاس، سيپڪو کي فيصلن تي فوري عملدرآمد جي هدايت خبر موجب سکر جي وفاقي محتسب ريجنل آفيس سکر ۾ ڊبليو ايم ايس سکر جي ريجنل هيڊ سيد محمود علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم عملدرآمد اجلاس ڪوٺايو ويو،
جنهن ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر مظفر کهاوڙ جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد شرڪت ڪئي، جڏهن ته سيپڪو سرڪل سکر جي ڊپٽي مئنيجر ڪمرشل جاويد عباسي پڻ شامل هئا۔
اجلاس دوران سيد محمود علي شاهه وفاقي محتسب پاران جاري ڪيل فيصلن تي تڪڙي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شهرين سان لاڳاپيل امداد ۽ خدمتن جي بهتر طريقي سان فراهمي لاءِ فيصلن تي بروقت عمل لازمي آهي۔
هن چيو ته سيپڪو جا عملدار هدايتن تي مقرر وقت اندر عمل کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ قانوني قدمن جو منهن ڏسڻو پوندو، جيڪو وفاقي محتسب جي اختيارن کي برقرار رکڻ ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي۔ اجلاس جو اختتام سيپڪو وفد پاران يقين ڏيارڻ سان ٿيو ته هو عملدرآمد کي ترجيح ڏيندا ۽ مقرر وقت اندر تعميل رپورٽون جمع ڪرائيندا۔
جُولاءِ 29, 2025