سکر: زميني رستا بند ڪرڻ خلاف مجلس وحدت مسلمین جو سخت احتجاج، حڪومت کي ملڪ گير تحريڪ جي ڌمڪي

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)مجلس وحدت مسلمین پاڪستان ضلع سکر پاران وحدت هائوس مان جاري ڪيل پريس اعلاميي ۾ اربعين امام حسينؑ جي موقعي تي زائرين جي زميني سفر ۾ رڪاوٽن بابت سخت خدشن جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت، وزارت داخلا ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري طور صورتحال جي سڌاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

مجلس وحدت مسلمین سنڌ جي جنرل سيڪريٽري چوڌري اظهر حسن، ضلعي صدر محسن سجاد اتراء ايڊووڪيٽ، ايمپلائيز ويب جي مرڪزي ڪائونسل جي ميمبر عبدالله مطهري ،

ڊويزنل صدر يوٿ ونگ زوهیب ڪلوڙ، ضلعي صدر عزاداري ونگ، بانين، قافلا سالارين ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ايران ۽ عراق جي سرحدن تي زائرين لاءِ زميني رستا اهڙي وقت بند ڪيا ويا آهن جڏهن هزارين زائرين پاسپورٽ، ويزا، سفر جون تياريون ۽ خرچ مڪمل ڪري چڪا آهن.بسون ۽ قافلا تيار، فيس، ٽيڪس ۽ سيڪيورٽي تقاضا پورا، پوءِ به رستا بند۔اڳواڻن چيو ته زائرين جا قافلا بسن سميت تيار بيٺل آهن جن جي فٽنيس، سيڪيورٽي، ٽيڪس ۽ ٻين سڀني قانوني گهرجن کي پورو ڪيو ويو

 آهي پر زميني رستا بند ڪري عوام کي مهانگي هوائي سفر تي مجبور ڪرڻ سراسر زيادتي ۽ غير منصفاڻو عمل آهي.حڪومتي فيصلا عوامي اعتماد جي ڀڃڪڙي آهن چوڌري اظهر حسن چيو ته حڪومت جي زميني رستا بند ڪرڻ جو فيصلو ناقابلِ قبول آهي، ڇاڪاڻ ته زائرين جي اڪثريت غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿي، جيڪي هوائي سفر جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن.

اڳواڻن انڪشاف ڪيو ته 13 محرم الحرام تي ٿيندڙ ٽن ملڪن (پاڪستان، ايران، عراق) جي گڏيل اجلاس ۾ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي پاران زميني رستا کليل رکڻ ۽ سهولتون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، جنهن جي بنياد تي زائرين ڪروڙين رپيا خرچ ڪري تياريون مڪمل ڪيون. پر هاڻ اوچتو پاليسي جي تبديلي سان عوامي اعتماد مجروح ٿيو آهي.سڪيورٽي خدشن جا بهانا، متبادل محفوظ رستا ڏنا وڃن

محسن سجاد اتراء ايڊووڪيٽ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن خاص رستي تي سيڪيورٽي خدشا آهن ته حڪومت کي متبادل محفوظ رستا فراهم ڪرڻا پوندا يا وري سيڪيورٽي فورسز جي نگرانيءَ ۾ قافلا روانا ڪيا وڃن. رياست کي دهشتگردن آڏو جهڪڻ نه گهرجي.عشقِ حسينؑ جو قافلو آهي، فلائيٽ جو ڪاروبار نه۔اڳواڻن  خبردار ڪندي چيو ته اربعين کي آمدني جو ذريعو نه بڻايو وڃي.

 زائرين امام حسينؑ جي عشق ۾ روانا ٿين ٿا، نه ته سياحت يا ڪاروباري مقصد لاءِ. زميني رستا ئي عام ماڻهن لاءِ آسان آهن. حڪومت چاهي ٿي ته صرف فلائيٽ ذريعي اربين رپين جو ڪاروبار ڪري، جيڪو ڪنهن به صورت قبول نه آهي. ايران ۽ عراق ويندڙ زميني رستا فوري طور کوليا وڃن۔زائرين کي سهولتون ڏيڻ بابت حڪومتي واعدن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي

 جيڪڏهن ڪو رستو سيڪيورٽي سبب بند آهي ته متبادل محفوظ رستو فراهم ڪيو وڃي۔هوائي سفر تي مجبور زائرين کي يا ته نقصان جو ازالو ڏنو وڃي يا پيسا واپس ڪيا وڃن۔ويزا ۽ مڪمل سفري دستاويزن وارن زائرين کي روانگي جي اجازت ڏني وڃي۔زائرين لاءِ مستقل، محفوظ ۽ شفاف پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي پاليسي سازيءَ ۾ شيعا نمائندا تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي۔

مجلس وحدت مسلمین ضلع سکر حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور مثبت قدم نه کنيا ويا ته ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، جنهن جا سمورا نتيجا وفاقي حڪومت کي ڀوڳڻا پوندا.

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو