سيوهڻ: آر او ۽ فلٽر پلانٽ خراب، پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي خلاف عوام جو احتجاج

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ سب ڊويزن ۾ تقريبن آر او پلانٽ ۽ فلٽر پلانٽ ڪيتري عرصي کان خراب، پبلڪ ھيلٿ کاتو سب ڊويزن ۽ ضلع ڄامشورو جو انجنيئر  ھر ٽئين مھيني ايندڙ سنڌ گورنمنٽ کان رقم ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڏيکاري رقم هڙپ ڪئي وڃي ٿي، جيڪي تعلقي سيوھڻ ۾ فلٽر پلانٽ ۽ آر او پلانٽ لڳل آھن آھي خراب لڳا پيا آھن، سيوھڻ تعلقي جي جن ڳوٺن ۾ آر او ۽ فلٽر پلانٽ لڳل آھن،

 انھن ڳوٺن جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم لڳو پيو آھي، جڏھن ته سيوھڻ تعلقه ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااهلي جي ڪري سيوھڻ تعلقي جو عوام صاف پاڻي پيئڻ کان محروم لڳو پيو آھي، جڏھن ته ضلع ڄامشورو پبلڪ ھيلٿ کاتي جا آفيسر ھر ٽئين مھيني جي ايندڙ رقم جيڪا آر او ۽ فلٽر پلانٽن جي مرمت لاء اچن ٿا، انھن کي ھڙپ ڪري رھيا آھن،

 سيوھڻ تعلقي جي عوام چيف سيڪريٽري سنڌ ، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ ھيلٿ کاتو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جن کان مطالبو ڪن ٿا ته خدارا سيوھڻ تعلقي جي عوام تي رحم ڪريو، سيوھڻ تعلقي ۾ جيڪي به لڳل آر او ۽ فلٽر پلانٽ لڳل آھن ۽ آھي خراب آھن ته اوھان پاڻ  انھن جي وزٽ ڪري پوء انڪوائري ڪرائي وڃي، ۽ سيوھڻ تعلقي ۾ جيڪي به پبلڪ ھيلٿ کاتي جون سموريون اسڪيمون جيڪي خراب آھن،

 انھن جي مرمت ڪرائي انھن اسڪيمن کي شروع ڪرائي ڏيو ته جيئن سيوھڻ تعلقي جو عوام صاف پاڻي واپرائي سگھي.

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو