سڪرنڊ: تيز رفتار ڪوچ ۽ ٽرين جي حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت، علائقي ۾ سوڳ

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ)قومي شاھراھ ڪيريا پيٽرول پمپ وٽ روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر نتجي ۾ ھڪ موٽرسائيڪل سوار خميسو چھواڻ موقعي تي فوت اطلاع بعد ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

لاش گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو ٻئي پاسي کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ٽرين مان مسافر ڪرندي فوت ٿي ويو اطلاع بعد ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي سندس کيسي ۾ پيل سناختي ڪارڊ موجب سندس نالو محمد زبير پٽ بشير احمد ويٺل شيرشاھ ڪراچي جو آھي سندس لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل آھي

جُولاءِ 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو