سڪرنڊ: جسقم اڳواڻ جي فائرنگ خلاف تعلقه اسپتال جي عملي جو احتجاج، او پي ڊي جو بائيڪاٽ، سنڌ بھر ۾ هڙتال جو اشارو
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جسقم اڳواڻ آصف رضا مگسي پاران تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ فائرنگ ڪري ڊاڪٽر ۽ عملي کي حراسان ڪرڻ خلاف تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن ، اسٽاف ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽآف پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ سخت نعري بازي پڻ ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي ينگ پيرا ميڊيڪل جي صوبائي چيف آرگنائيزر معشوق جتوئي ، تعلقه سڪرنڊ جي اڳواڻ سيد بابو شاه ، علي حسن انڙ ، واحد بخش پرهياِڙ ،
علي حسن زنگيجو ۽ شهري اتحاد سڪرنڊ جي صدر سانول ڪيريو ۽ ٻين الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته جسقم اڳواڻ آصف رضا مگسي صبح سوير ڪتي جي چڪ پائڻ واري انجيڪشن لڳائڻ آيو جيڪا کيس ڊيوٽي تي موجود عملي لڳائي جنهن بعد هن ڊاڪٽر ۽ موجود عملي کي ڌمڪيون ڏئي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بعد فائرنگ ڪري اسپتال ۾ خوف و حراس پيدا ڪري ڇڏيو
جنهن سبب مريضن ۾ رڙيون پئجي ويون هنن چيو ته افسوس جي ڳالھ آهي جو ڪُتي واري سئي لڳڻ باوجود فائرنگ ڪرڻ ۽ بد اخلاقي ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آهي هنن اهو پڻ چيو ته آصف رضا مگسي اڳي به تعلقه اسپتال ۾ فائرنگ ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري لکين روپين جو نقصان ڪري چڪو آهي پر کيس ڪو چوڻ وارو ناهي اسين چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏھن شام تائين آصف مگسي گرفتار نه ٿيو ته سڀاڻي سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ هڙتال ڪئي ويندي
هنن چيو آصف رضا مگسي جي حرڪتن سبب ڪيترائي سينيئر ڊاڪٽر سڪرنڊ مان بدلي ڪرائي ويا آهن ۽ ٻيا اچڻ لاءِ تيار ناهن اسان شهرين کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪن تعلقه اسپتال کي نيشنل هاءِ وي ، انڊس هاءِ وي ۽ مهراڻ هاءِ وي لڳن ٿا جيڪڏھن هتي دهشتگردي رهي ته اسپتال کي تالو لڳائڻو پوندو
جُولاءِ 29, 2025