سڪرنڊ: شاگردن پاران شهيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي جي ناانصافين خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي س جي شاگردن يونيورسٽي انتظاميه پاران پوائنٽ بسون بند ڪرڻ ۽ هاسٽل تعمير نه ڪرڻ سميت ٻين مسئلن خلاف سڪرنڊ نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
شاگردن نادر علي چانڊيو ، علي رضا ، ڪائنات چنه ، شفيق جمالي ، عمران علي ڪيريو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه اسان کان لکين روپيه فيسون وصول ڪري رهي آهي پر بدلي ۾ اسان کي پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي پر ڪجهه ڏينهن اسان جون پوائنٽون بسون به بند ڪيون ويون آهن.هنن چيو ته يونيورسٽي کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن
پر هينئر تائين يونيورسٽي جي هاسٽل تعمير نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب شاگرد مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن.هنن چيو ته اسان جو بي ايس ڊپارٽمينٽ اڃا تائين ايڇ اي سي وٽ رجسٽر نه ڪرايو ويو آهي.هنن وزير اعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي يونيورسٽي جون هاسٽل تعمير ڪرائي شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
جُولاءِ 28, 2025