دادو: اللهآباد جي ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف قرآن پاڪ کڻي احتجاج، واٽ بند ڪرڻ ۽ ڌمڪين خلاف آواز بلند
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو جي يونين ڪائونسل الله آباد جي ڳوٺ ڪمال پنهور جي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن ڪلام پاڪ هٿن ۾ کڻي دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن ۽ رڪڻ پوليس خلاف سخت نعريباازي ڪئي مظاهرن حامد پنهور،عبدالغفور پنهور مسمات زينب،
زيبا پنھور ۽ ٻين چيو آهي تہ ڳوٺ جي بااثر عباس پنهور، فوجي نثار علي پنھور سئو سالن کان وقف ٿيل گهٽي کي بند ڪري اسان جو اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي،
برادري جي چڱن ۽ پوليس کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن تدارڪ نه پيو ٿئي، بااثر عباس پنهور هاڻي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ھنن انتظاميه کان مدد جي اپيل ڪئي آهي،
جُولاءِ 28, 2025