سيوهڻ: ڪرمپور روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل چار ڦورو گرفتار، هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ – ٻه ڦورو فرار

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ پوليس  ڪرمپور روڊ تي جاني شاھ ڀرسان ڦر جي ارادي سان بيٺل چئن  ڦوروئن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻه ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۔ ايس ايڇ او سيوهڻ موجب گرفتار ڦوروئن کان هڪ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۔ ٻه پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن ۔ گرفتار ڦورو سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد ۾ ڦرن ۾ ملوث هيا ۔

گرفتار ڪيل ڦوروئن جي سڃاڻپ ڪاشف ولد قاسم هاليپوٽو ۔ رئيس ولد قربان هاليپوٽو ۔ امام الدين ولد خدا بخش هاليپوٽو . شهزادو علي جاني ولد پٺاڻ هاليپوٽو جي نالن سان ٿي آهي ۔ جڏهن ته سمورا جوابدار سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ دريديرو جا رهواسي ڄاڻايا پيا وڃن ۔ايس ايڇ او سيوهڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمورن ڦوروئن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جانچ جاري آهي ۔

جُولاءِ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو