ٺٽو: ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺٽو زون جو اجلاس، 1 کان 14 آگسٽ تائين آزادي جو ڏهاڙو شاندار نموني ملهائڻ جو فيصلو

Spread the love

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي)  زونل انچارج ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ٺٽو زون محمد عيسيٰ جوکيو جي صدارت ھيٺ فلٽر پلانٽ ريسٽ هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سينئر جوائنٽ زونل انچارج محمد جنيد صديقي، جوائنٽ زونل انچارجز سيد ظفر احمد، محمد سعيد شيخ، زونل ڪميٽي ميمبرن اڪبر علي ڀٽو، اشرف خان خٽڪ، ممتاز علي شورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ زونل ڪميٽي جي متفقه راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته آزادي جو ڏھاڙو پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 تائين ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ شاندار طريقي ۾ ملهايو ويندو. ان موقعي تي زونل انچارج محمد عيسيٰ جوکيو چيو ته پارٽي جي اعليٰ قيادت جي هدايتن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺٽو زون پاران ملڪ جي ٻين حصن وانگر ٺٽي ضلعي ۾ پڻ “آزادي جو ڏھاڙو” ملهايو ويندو. ان موقعي تي پياري وطن سان محبت جي اظهار لاءِ سڀني شهرن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ،

ريليون ۽ ڪيڪ ڪٽڻ سميت مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي، پاڪستان آزادي لاءِ عظيم قربانيون ڏئي حاصل ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي آزادي لاءِ اسان جي بزرگن سميت پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جون عظيم ۽ لازوال قربانيون آهن، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي ۽ ملڪ جو هر ٻار ۽ هر فرد پياري وطن جي دفاع لاءِ قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندو.

جُولاءِ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو