حيدرآباد: سگا جو اجلاس، 2025 کي سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف جدوجهد جو سال قرار – سنڌي ٻولي لاءِ قومي حيثيت جي جدوجهد جو اعلان

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن  ( رپورٽ:غلام حيدر پنھور )سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي ڪائونسل آف ميمبرس جو اجلاس سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. سگا پاران سال 2025 کي سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جو سال ڪري ملھائڻ جو اعلان. ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پاڪستان جي ڪورٽن ۾ وڃڻ جو اعلان،

جيڪڏهن اتي انصاف نه مليو ته انٽرنيشنل ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو. تفصيل موجب تاريخ 27 جولاءِ 2025ع تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار ادارو حيدرآباد ۾ ھي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سگا جي 150 کان مٿي رضاڪار سائين شرڪت ڪئي. ھن اجلاس جي صدارت چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي. اجلاس جي ڪاروائي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي ھلائي. سگا جي باني ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، رپورٽنگ سيڪريٽري اطلاعات احمد حسن پنهور ڪئي. وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا آيل سڀني ساٿين جا ٿورا مڃيا.

اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي تلاوت جي سعادت شھاب الدين شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت حاصل ڪئي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا بيت عبدالطيف ڪرٽيو ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي پڙھيا، جنرل سيڪريٽري اڳين ڪاروائي پڙهي ٻڌائي جيڪا متفقه طور تي بحال ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اڳواڻن چيو ته سگا پنھنجي تاريخ ۾ مسلسل جدوجهد ڪئي آهي ۽ ھر دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو آهي. ھن سال فيبروري مھيني ۾ اسان جي 40 کان وڌيڪ شاخن ۽ سگا مرڪز سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج مظاهرا ڪيا،

پريس ڪانفرنس ڪيون ۽ سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ 70 وڌيڪ شاخن مظاهرا ڪيا، پريس ڪانفرنس ڪيون ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. آيل سگا جي ساٿين چيو ته اسان وٽ 11 ھزار ميمبر آهن، اسان ھمت ڪنداسين ته اسان جي ھر جدوجهد ڪامياب ٿيندي. سڀني دوستن پنھنجون تجويزن لکت ۾ سيڪريٽري جنرل وٽ جمع ڪرايو.

ساٿين چيو ته سگا جي سڀني شاخن کي متحرڪ ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ مئگزين سگا سماچار جي مھورت ڪرائي وئي ۽ سڀني آيل ساٿين کي مئگزين ڏنو ويو  آخر ۾ سگا جي وڇڙي ويل ساٿين لاءِ سائين غلام علي لاشاري صدر سگا جوھي شاخ  دعا گھري.

جُولاءِ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو