چلاس ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ لُڙهي ويل 15 ڄڻا اڃا تائين گم، سرچ آپريشن جاري

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان حڪومت تصديق ڪئي آهي ته 21 جولاءِ تي چلاس ۾ آيل ٻوڏ وهڪري ۾ لُڙهي ويل مان 15 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻوڏ وهڪري ۾ لُڙهي ويل ۾ نجي ٽي وي جي اينڪر شبانه لياقت ۽ سندس گهرڀارتي پڻ شامل آهن.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته گذريل ڏينهن سرچ آپريشن دوران امدادي ڪارڪنن کي هڪ ٻٽون مليو، جنهن ۾ شبانه لياقت ۽ سندس جي پٽ جا ڪارڊ ۽ ڪجهه رقم ملي، جنهن کانپوءِ امدادي ادارن سرچ آپريشن جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.
ترجمان موجب، چئنل انتظاميا طرفان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي پر خاندان مان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته ٽي وي اينڪر ۽ انهن جي گهروڀاتين سميت سڀ گم ٿيل سياحن جي ڳولا جاري آهي.
ترجمان موجب، لامحدود ملبن جي ڍير سبب سرچ آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چلاس ۾ ٻوڏ سبب هينئر تائين اٺ ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي گلگت ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.