ڀارت ” آپريشن سندور“ ۾ ذلت جوڳي ناڪاميءَ بعد بوکلائجي ويو، ” آپريشن مهاديو“ جي نالي سان جڙتو مقابلا شروع ڪري ڇڏيا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ”آپريشن سندور“ جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڀارت ”آپريشن مهاديو“ جي نالي سان ٻيهر جڙتو مقابلا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ”آپريشن مهان ديو“ جي نالي سان غير قانوني ۽ زوريءَ حراست ۾ رکيل معصوم پاڪستانين کي ڪوڙن انڪائونٽرز ۾ استعمال ڪرڻ جو ڀارت جو ناپاڪ منصوبو وائکو ٿي ويو آهي.
ڀارت ”آپريشن مها ديو“ جي نالي سان والاريل ڪشميرٻيهر فيڪ انڪائونٽرز شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ”آپريشن مها ديو“ جو مقصد نه رڳو والاريل ڪشميروڌندڙ آزاديءَ واري تحريڪ کي ڇيڀاٽڻ آهي پر ملڪ جي اندر ڪِرندڙ سياسي ساک کي بحال ڪرڻ به آهي، ڀارت ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان کي هڪ ڪامياب فوجي مهم طور پيش ڪيو وڃي، جيئن ”آپريشن سندور“ جي ناڪاميءَ جو چٽو مٽائي سگهجي.
ذريعن موجب، پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ به ڀارتي فوج طرفان جڙتو مقابلن سلسلو شروع ڪيو ويو هو،ان کان اڳ 24 اپريل تي آزاد ڪشمير جا ٻه شهري محمد فاروق ۽ محمد دين، جيڪي غلطي سبب سرحد پار ڪري وڃڻ تي ڀارتي فوج جڙتو مقابلي شهيد ڪري ڇڏيا هو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته وائکي ٿيل ڀارتي منصوبي تحت مختلف جيلن ۾ قيد ماڻهن کي مارڻ کا پوءِ پاڪستان طرفان سرحد پار دهشتگرد قرار ڏنو ويندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر 29 ۽ 30 اپريل واري پريس ڪانفرنس ۾ اڳ ئي اهڙن 723 پاڪستانين جا تفصيل ڄاڻائي چڪو آهي، جيڪي مختلف ڀارتي جيلن ۾ غير قانوني طور تي قيد آهن.
ان کانسواءِ56 اهڙا پاڪستاني به آهن، جيڪي ڀارتي ڳجهي ايجنسين غير قانوني ۽ زوريءَ حراست ۾ رکيا آهن، انهن 56 ماڻهن جا تفصيل به ڊي جي آءِ ايس پي آر 29 ۽ 30 اپريل تي ٻڌائي چڪو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هميشه جيان جڙتو مقابلن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا سان اڳ ۾ ئي انهن ماڻهن جا لاش، پلانٽ ڪيل هٿيارن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيا پيا وڃن.
تصديق ٿيل اطلاعن موجب، غير قانوني طور قيد ۾ رکيل ماڻهن کي زنده دهشتگرد ظاهر ڪري ميڊيا آڏو پاڪستان مخالف بيان ۽ اعترافي بيان پڻ رڪارڊ ڪرائي سگهجن ٿا.
ڀارتي جيلن ۾ قيد ماڻهن کي ڪنهن به وقت پاڪستان جي مخالف بيانئي سميت جارحيت استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن موجب، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ جڙتو انڪائونٽر اسپيشلسٽ طور بدنام آهي ۽ ”آپريشن مهان ديو“ ڀارتي فوج جي طرفان فيڪ انڪائونٽرز جو تسلسل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهلگام فالز فليگ ۽” آپريشن سندور“ ذلت جوڳي ناڪامي کانپوءِ کانپوءِ ڀارت مڪمل طور تي بوکلائجي ويو آهي.