پنج آگسٽ تي احتجاج جي اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جو پلان بي سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) 5 آگسٽ تي احتجاج جي اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جو پلان بي سامهون اچي ويو.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ قيادت طرفان وڏي احتجاج يا جلسي جي اجازت نه ملڻ تي تڪن ۾ احتجاج جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، تحريڪ انصاف پنج آگسٽ تي پنجاب جي هر تڪ ۾ احتجاج ڪندي ۽ سڀني تڪن مان احتجاج جا فوٽيج قيادت ڏانهن اُماڻيا ويندا، جڏهن ته پنج آگسٽ کانپوءِ وڏن شهرن ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته احتجاجي مهم لاءِ ڊويزنل تنظيم ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پنج آگسٽ کان اڳ يوسي سطح تي تنظيم سازي مڪمل ڪري قيادت کي رپورٽ ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، احتجاج نه ڪندڙ عهديدارن خلاف باظابطا ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته پنجاب حڪومت طرفان مينارِ پاڪستان تي جلسي جي اجازت ڏيڻ جو امڪان گهٽ آهي.