ڪرشما جي اڳوڻي مُڙس جو موت حادثو يا قتل؟ سنجي ڪپور جي ماءُ سوال اُٿاري ڇڏيا

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور جي اڳوڻي مڙس ۽ ڪاروباري شخصيت سنجي ڪپور جي ماءُ پنهنجي پٽ جي پولو ميچ دوران اوچتي ديهانت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سوال اٿاري ڇڏيا .
پرڏيهي خابرو اداري موجب، جون برطانيا ۾ پولو ميچ دوران سنجي ڪپور کي دل جو دورو پيو ۽ هو اوچتو ڪِري پيو، جنهن بعد کيس اسپتال نيوو پر هو هو بچي نه سگهيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، سنجي ڪپور جي ماءُ راني ڪپور دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پٽ جي موت کي دل جو دورو چئي ميڊيا ۾ رپورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته حقيقت پريشان ڪندڙ ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي وڪيل ۽ ليگل ڪائونسلر ويڀوَ گهگر چيو آهي ته سندس اصيل لاءِ هڪ ماءُ طور پنهنجي پٽ جي موت کي رڳو هڪ حادثو يا دل جو دورو چوڻ تڪليف ڏيندڙ آهي، سندس نظر ۾ سچ ميڊيا جي سرخين ۾ نٿو اچي.
سندس چوڻ هوته جيستائين سچ سامهون نٿو اچي ماٺ ڪري نٿو ويهي سگهي.
سينيئر وڪيل جي طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته معاملي ۾ ڪابه قانوني ڪاروائي اڃا شروع ناهي ٿي آهي پر راني ڪپور پنهنجا سڀ حق محفوظ رکي ٿي.

ٻئي پاسي راني ڪپور چيو ته سندس پٽ جي ديهانت کانپوءِ کيس بند ڪمري ۾ ڪجهه دستاويزن تي بنا سمجهاڻي جي صحيحون ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
سنجي ڪپور جي ماءُ راني ڪپور سونا گروپ بورڊ ڏانهن لکيل خط ۾ پنهنجي نياڻي سميت ڪجهه ماڻهن تي الزام مڙهيو آهي ته پٽ جي موت کانپوءِ کيس بنا سمجهائڻ مختلف دستاويزن تي صحيحون ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو.
سنجي جي شادي ۽ طلاق
واضح رهي ته سنجي ڪپور پهرين شادي 1996 ۾ فيشن ڊزائنر ننديتا مهتاڻي سان ڪئي جيڪا 2000 تائين هلي، جنهن کانپوءِ 2003ع ۾ هن بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولادآهي.
جوڙي 2016 ۾ طلاق ورتي جنهن کانپوءِ ڪرشما ڊگهي قانوني ويڙهه بعد ٻارن جي ڪسٽڊي جو ڪيس کٽي ورتو ۽ هاڻي ٻار ماءُ سان گڏ ممبئي ۾ رهندڙ آهن.
ڪرشما کان طلاق جي هڪ سال پوءِ سنجي ماڊل پريا سچديو سان ٽِين شادي ڪئي هئي.

جُولاءِ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو