سکر: شر چوڪ وٽ فائرنگ، پورھيت نوجوان قتل، 5 ڄڻا زخمي، وارثن پاران ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد شر چوڪ وٽ ھٿياربندن جي سيلون تي فائرنگ۔ گوليون لڳڻ سبب نوجوان پورھيت اڪبر منگي قتل ٿي ويو ۽ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا, جنهن بعد پوليس پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو,
اسپتال مان لاش ضروري ڪاروائي بعد مارجي ويل نوجوان جي وارثن محمد خان، علي گوهر، پپن ۽ ٻين لاش شڪارپور ڪمشنر آفيس وٽ رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو, مارجي ويل نوجوان اڪبر منگي جي وارثن چيو ته اسان جو نوجوان سيلون تي ڪم ڪري رهيو هو جتي وڳڻ برادري جي ماڻهن رياض وڳڻ، مستو وڳڻ، اسد وڳڻ ۽ غلام رباني جعفري هٿياربند بڻجي فائرنگ ڪري اسان جي هڪ نوجوان اڪبر منگي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ رضوان منگي،
گلستان، محمد حسن، نور حسن ۽ عابد حسين کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي, جوابدارن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن, هنن چيو ته جوابدارن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي, ايس ايڇ او سائيٽ علاء الدين ڦلپوٽو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته وارث ٿاڻي تي پهچي ايف آءِ آر داخل ڪرائين ڪيس داخل ڪيو ويندو پوليس۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
جُولاءِ 27, 2025